سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر

سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر

سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر

سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي نهايت آسان بڻايو ويو آهي، جيئن هر درجي جي ٻار جي سمجهه ۾ اچي. هن کي ڪُل چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: پهريون ڀاڱو: ’ڳالهائڻ جا لفظ ۽ انهن جو اڀياس‘ جي نالي سان چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ جا لفظ، اسم جا عدد، رائج حالتون، انهن جا قسم، حرف جر، صفت، ظرف، فعل، فعل جا ڪردنت يا مشتق مرڪب فعل، زمانن جو اڀياس، فعلن جون معروضي ۽ مجهولي صورتون/ فعلن جا پريوگ، حرف جملو، حرف ندا شامل آهن. ٻيو ڀاڱو: ’علم صرف جو اڀياس‘ جي نالي سان صرف هڪ باب تي مشتمل آهي، جنهن ۾ علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفهوم ڏنل آهن. ٽيون ڀاڱو: ’علم نحو جو اڀياس‘ جي نالي سان ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ نحو جي وصف ۽ اُن جا اصول، جملي يا فقري جا مکيه ڀاڱا، جملن جا قسم، عبارت/ اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملي جا قسم، ضمير متصل جو استعمال، ٻٽا ضمير متصل- شامل آهن. چوٿون ڀاڱو: چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ترڪيب، تفريق يا ڇيد ڪرڻ، بيهڪ جون نشانيون، سنڌي ويا ڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون شامل آهن. هن ڀاڱي ۾ مختلف جانورن/جاندارن جي آوازن لاءِ لفظ، جانورن جي ڦرن/ ٻچن جا نالا، محنت ڪشن جي اوزارن جا نالا، اصطلاح/ ورجيسون، ڪي چونڊ تشبيهون ڏنل آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا کان پهرين ڪنهن به گرامر نويس سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي ايترو آسان ۽ تشريحي بڻايو آهي. 353 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو